پاڪ فقير

پاڪ فقير: ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي ڀريا سٽي کان ٻه ڪلوميٽر اتر طرف پاڪ فقير جي درگاهه آهي. هيءَ بزرگ ڪيرين جي قبيلي سان تعلق رکندو هو. درگاهه ۾ ٻه تربتون آهن، جن مان هڪ پاڪ فقير جي پٽ جي چئي وڃي ٿي. درگاهه جي اتر ۾ هڪ مسجد به اڏيل آهي. هن بزرگ لاءِ مشهور آهي ته هالن واري مخدوم نوح سروريءَ جو خاص خليفو هو. علائقي ۾ رهندڙ چانڊين جي قبيلي جا ماڻهو ساڻس وڌيڪ عقيدت رکن ٿا. هر مهيني جي پهرئين سومر تي هتي لنگر نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. هتي جججهي تعداد ۾ ماڻهو زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا. هن وقت درگاهه جو مجاور فقير ڪيريو آهي. درگاهه جي آسپاس عيسن سوائي ۽ پير ڪُنڍي جون درگاهون به مشهور آهن. هنن درگاهن جي آسپاس باغ آهن، جنهن سبب هي جايون شهر جي نوجوانن لاءِ شام جي وقت تفريح جو باعث به بڻيل آهن.


لفظ پاڪ فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو